چوئي واهه

چوئي واهه: هيءُ سنڌوءَ جي اوج واري دور جو واهه هو. هڪ راءِ مطابق درياهه جي پراڻ هئي. هي تعلقي دادوءَ جي ديهه چوئيءَ ۾ هئڻ ڪري ’چوئي واهه‘ سڏبو هو. هن واهه ۾ اهڙا ڪنب به هئا، جن ۾ پاڻي سڪندو ئي نه هو. اهي پراڻي درياهه جا آثار هئا، ڇو ته درياهه جڏهن چاڙهه ۾ ايندو هو ته تمام هيٺ زمين جي چوئي تائين ڪنارا پائيندو هو. درياهه منهن مٽائي ويندو هو. پر ڪنب سياري توڙي سانوڻ ۾ پاڻيءَ سان تار هوندا هئا. چوئي واهه، دادو شهر کان اوڀر طرف پنجن ڇهن ڪلوميٽرن تي جھليءَ واري طرف به ويندو هو. چوئي واهه تان لاڳو ٻيلي تي ’چوئي ٻيلو‘ نالو پيو. چوئي واهه ڳوٺ جو خيرو فقير ڏهر ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو خاص ماڻهو هو. خيري فقير جي ڳوٺ ۾ گولي فقير جي مزار آهي، جيڪو ان دؤر جو بزرگ ٿي گذريو آهي. ان ڪري ڪي ماڻهو هن ڳوٺ کي ’گولي فقير جو ڳوٺ‘ به سڏيندا آهن. چوئي واهه ۾ ڪنهن وقت ٻيڙيون هلنديون هيون ۽ چوئي ٻيلي تائين ماڻهو بار ۽ سامان ٻيڙين ۾ کڻي ويندا هئا. سنڌو نديءَ جا جيڪي پراڻا وڏا واهه هئا، تن ۾ ٻيڙيون هلنديون ۽ واپار ٿيندو هو. انهن واهن تي اڳئين زماني ۾ پتڻ به هوندا هئا. چوئي واهه به اهڙن واهن مان هڪ هو.


لفظ چوئي واههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو